
لاهور: پنجاب حڪومت صوبي ۾ عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور ۾ صوبائي وزيرن عطا تارڙ ۽ ملڪ احمد خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنجاب ۾ روزانو 4 کان 5 زيادتي جي ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي جي واقعن ۾ شدت سان واڌ ٿي آهي. هنن چيو ته قانون ۾ ترميم ڪري عورتن ۽ ٻارن جو تحفظ يقيني بڻائينداسين، وڌندڙ واقعن کي ڏسندي صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان هيلپ لائن به ٺاهي ويندي. سندن چوڻ هو ته ساڍن ٽن سالن دوران ڏوهن جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي ۽ امن امان جي صورتحال بدترين ٿي وئي آهي، پوليس آفيسرن جي انڌاڌند پوسٽنگ ڪئي وئي، جنهن جا ريٽ طئي هئا، جنهن جو نقصان عوام ڀوڳي رهيو آهي.