سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رڪشا ڊرائيور جو ٽن ڀائرن جي مبينا قتل خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي خالق ڪالوني جي رهواسي رڪشا ڊرائيور فدا حسين سولنگي مبينا قتل ٿيل ٽن ڀائرن جي خون سان انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورھيت فدا حسين سولنگي دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2005 دوران دڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڀاءُ خادم سولنگي شڪي حالت ۾ فوت ٿي ويو هو ۽ سال 2017ع ۾ وليد ٿاڻي جي حد ۾ ٻيو ڀاءُ غلام فاروق سولنگي شڪي حالت ۾ فوت ٿيو، جنهن جي زال ۽ ٻين مٿان کيس قتل ڪرڻ جو شڪ آهي ۽ وري هڪ سال جي وقفي بعد رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ سال 2018ع دوران پير مٺا سائين جي درگاهه ڀرسان رهائش اختيار ڪري ويٺل منهنجو ٽيون ڀاءُ محمد بخش شڪي حالت ۾ فوت ٿي ويو جنهن کانپوءِ مون دڙي، وليد ۽ رحمت پور ٿاڻن تي انهن واقعن جي اين سي داخل ڪرائي ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي جاچ جي گهر ڪئي پر مختلف وقتن تي ايس ايس پي مقرر ٿيندڙ آفيسرن منهنجي دانهن نه ٻڌي ۽ نه ئي هن وقت تائين انهن واقعن جي شفاف جاچ ٿي سگهي آهي. هن الزام لڳايو ته منهنجي ٽنهي ڀائرن کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي قاتلن جي مون کي خبر آهي پر گهر ڀاتي انهن جي قتل کي قدرتي موت ڄاڻائي انهن جا خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته ٽنهي ڀائرن جي قتل وارن واقعن جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button