سنڌ

قمبر ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين جي گرفتاري خلاف احتجاج

قمبر ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين قادر چانڊيو ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي غلام قادر چانڊيو، عرفان چانڊيو، عبدالستار چانڊيو، يونس چانڊيو، انعام سومرو، گلشير، قاسم تنيو، غلام قادر، ملاڻو، نديم ٽوٽاڻي ۽ ٻين چيو ته قادر چانڊيو ۽ سندس ساٿين کي مظلوم ماڻهن جي دانهن اختيارين تائين پهچائڻ جي ڏوهه ۾ ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي. قادر چانڊيو هميشه مظلومن جو آواز بڻيو آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس قادر چانڊيو ۽ سندس ساٿين کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button