سنڌ

سنڌو تي ڌاڙي خلاف سڪرنڊ کان نواب شاهه تائين ريلي

سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي، ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري ۽ وفاقي توڙي صوبائي بجيٽ ۾ سنڌ جي زراعت ۽ ننڍن آبادگارن کي ريليف نه ملڻ خلاف سنڌ گروئرس آرگنائيزيشن پاران چيئرمين رضا چانڊيو، ضلعي صدر ڪرم الله انڙ، سنڌ سڀا جي انعام سنڌي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن نٽھڻ اس ۾ سڪرنڊ کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، جتي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي. غريب آبادگار خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن. سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. سنڌ جي زراعت تباهه ٿي چڪي آھي. ھڪ طرف پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي ٻئي طرف يوريا ڀاڻ ٻيڻي اگھه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. زرعي دوائون پڻ ناقص ۽ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيون آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته غريب آبادگار جو معاشي قتل بند ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button