سنڌ

جهيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي لا مظاهرو

جھيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف نائين ڏينھن بہ شھر جي مختلف رستن تان مارچ ڪري نوابشاهه پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن مريد کوسو، ستار رند، محمد پناهه رند، حبيب الله رخشاڻي، علينواز کوسو ۽ ٻين چيو ته اسان ننڍا آبادگار ھڪ مھيني کان پاڻي لاءِ سراپا احتجاج آھيون. زمينون بنجر ٿي ويون آھن. فصل سوڪھڙي جو شڪار آھن. ھن مھانگائي جي دور ۾ اسان جو گذر سفر ڏکيو ٿي ويو آھي. مظاھرن ڌرڻن باوجود حڪومت جي ڪنھن به نمائندي اسان جي واھر نه ڪئي آھي. ڪامورا بہ بااثر ماڻھن جا رکرايل آھن، تنھنڪري ھي احتجاجي مظاھرا، دانھون ۽ ڪوڪون بي اثر بڻيل آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته جھيمل شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن اسان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ملي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button