سنڌ

ميرپوربٺورو ۾ مختلف ڌرين جو وڌندڙ مهانگائي خلاف ڌرڻو

ميرپوربٺورو ۾ پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپيئن پاران بيروزگار نوجوان تحريڪ، ريوليوشنري اسٽوڊنٽ فرنٽ جي سڏ تي ڪارڪنن، نوجوانن، مزدورن، ٽيڪسي ڊرائيورن احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن سڪندر زئور، ڪامريڊ لطيف، ڪامريڊ غني، رشيد آزاد، امجد خيرپوري، فاضل خاصخيلي، جبار زئور بجيٽ کي ملازم ۽ پورهيت دشمن قرار ڏيندي چيو ته ملڪ اندر هڪ مهيني دوران تيل جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ ڪري مهانگائي جو طوفان آندو ويو آهي جنهن سبب غريب عوام هڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، هنن چيو ته ملڪ ۾ آئي ايم ايف جون پاليسيون لاڳو ڪيون پيون وڃن، جنهن سان عوام ڀوڳيندو ۽ پورهيت توڙي ملازم سخت ڏکياين جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن چيو ته آئي ايم ايف جي فرمائش تي عوام دشمن ۽ ملازم دشمن بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڪوبه رليف ناهي ڏنو ويو. حڪمران عوامي خزاني مان پنهنجون بدعنوانيون، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جاري رکندا پيا اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button