سنڌ

سجاول ۾ آئي بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جي 3 ڪلوميٽر ريلي

استادن جي ڀرتي لا آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن سجاول کي اسٽيڊا ٽريننگ ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف برانچ موري کان پبلڪ پارڪ تائين 3 ڪلوميٽر پيادل ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي حبيب الله رانٽو، معشوق ٻگھيو، اعجاز گهوٽو، اسلم هالائي، راشد خاصخيلي، سهيل ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪيترن ئي تعلقن کي ھارڊ ايريا قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪافي جاين تي وري 33 کان 39 تائين مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ٽريننگ ڏئي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو موقعو پڻ ڏنو ويو آهي پر تعلقي سجاول جا نوجوان انهن ٻنهي موقعن کان محروم آهن. جڏھن ته سجاول تعليم جي حوالي سان سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پوئين نمبرن تي هجڻ باوجود سجاول کي ھارڊ علائقي ۾ شامل نه ڪري ناانصافي ڪئي پئي وڃي. اميدوارن مطالبو ڪيو ته سجاول کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button