پاڪستانسنڌ

مزدور، پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور، پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي، ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوام کان لاتعلق بنجي ويون آھن، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھه آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن پر پاڪستان ۾ ڪنھن به شئي تي ڪنٽرول ناھي ۽ بي پناھه مھانگائي وڌي وڃي ٿي.

اياز لطيف پليجي چيو ته شھباز شريف حڪومت ۽ سنڌ حڪومت عوام کي بک بدحالي کانسواءِ ڪجھه به نه ڏنو آهي، ماڻهو ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان آھي، شھباز شريف حڪومت پاڪستان جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، بار بار اقتدار ۾ ايندڙ پارٽين سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھه به ناھي ڏنو، اٽي، لٽي، اجھي ۽ جمھوريت جي ڪوڙن نعرن ذريعي عوام سان دوکو ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button