پاڪستانسنڌ

شهيد بينظير ڀٽو دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري: مخدوم سعيد الزمان

حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” طرفان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي ان عظيم هستي جو جنم ڏينهن آهي، جيڪا بهادري جي علامت هئي، سنڌ جي نياڻي ۽ بهادري جي علامت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن تي کيس سلام پيش ڪريان ٿو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي شاندار ڪردار ۽ عمل وسيلي دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري آهي.

بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” چيو ته ماڻهو ته گهڻائي آهن دنيا ۾ ايندا ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي تاقيامت تائين وساري نٿو سگهجي ۽ سندن وڇڙڻ جو غم هميشه رهندو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هئي جيڪا دلين ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي هجي. بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر سندس موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگهه بڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button