پاڪستانسنڌ

ٽنڊو غلام علي ۾ ٽالپر پينل جا 10 جنرل ڪائونسلر بنامقابلي ڪامياب

ٽنڊو غلام علي: مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لا ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو غلام علي لا چونڊ فارم ڀرائيندڙ ٽالپر پينل جا 10 جنرل ڪائونسلر ڪنهن مخالف جي فارم نه ڀرائڻ جي صورت ۾ بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا، ٽالپر پينل جي بنامقابلي ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ مير نور محمد عرف مير حاجن ٽالپر، محمد شاھد آرائين، ذوالفقار علي قائمخاني، مختيار احمد کوسو، حاجي محمد سعيد ميمڻ، مولانا خان محمد پٺاڻ، محمد امين خاصخيلي، خادم حسين شاھه، محمد عمر سمون ۽ سيد عبدالستار شاھه شامل آھن.

انهي موقعي تي ٽالپر پينل جي سرواڻ مير نور محمد عرف مير حاجن ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو شھرين سميت ايم اين اي مير غلام علي خان ٽالپر جو شڪرگذار آھي، جن جي سياسي بصيرت حڪمت ۽ ڀرپور محبت جي موٽ ۾ اڳ جيان هن وقت به ٽالپر پينل کي بنامقابلي سوڀ نصيب ٿي آهي. مير نور محمد عرف مير حاجن جو چوڻ ھو ته هو شھر ۽ شھرين جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو، هوڏانهن ٽائون ڪاميٽي جي بنامقابلي چونڊيل ٽالپور پينل جي 10 ڪاميابي ڪائونسلرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن تعلقي ماتلي جي مڪاني چونڊ عمل لا فارم ڀرائيندڙن جي آخري لسٽ پڌري ٿيڻ مهل جاري ٿيڻ جو امڪان آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button