سنڌ

ڪشمور پوليس جي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڪارروائي، 5 مغوي بازياب

ڪشمور پوليس گهوٽڪي جي علائقي رانوتي ڪچي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي هفتو اڳ اغوا ٿيل چارسده ڪي پي ڪي واسي 5 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي. ڪشمور پوليس گهوٽڪي جي رانوتي ڪچي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪامياب ڪارروائي ڪئي. پوليس ڪچي ۾ ڏوهارين سان رات جي اونداهي ۾ مقابلو ڪيو، ان دوران ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، پوليس جي فائرنگ بعد ڏوهاري مغوين کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺندي ڪچي ۾ فرار ٿي ويا. پوليس مغوين ۽ سندن ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گڊو اقتدار حسين جتوئي ٻڌايو ته ڪي پي ڪي جي چارسدہ واري علائقي واسين جي اغوا جو آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ نوٽيس وٺي ايس ايس پي ڪشمور کي مغوين جي بازيابي لاءِ هدايت ڪئي، جنهن تي ايس ايس پي ڪشمور جي حڪم تي ايس ايڇ او ڪشمور حسين علي شاهاڻي، سي آ اي پاسبان سان گڏجي آپريشن ڪيوسين، تنهن تي ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڏوهاري مغوين عبداالحميد، شاهد علي، فضل الرحمان، محمد ڪفايت الله، شير زمان ڇڏي ڪچي ۾ فرار ٿي ويا. مغوين جي آزادي لاءِ ڏوهارين 6 ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو. ايس ايس پي ڪشمور جي هدايتن تي ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو، ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button