اسلام آبادپاڪستان

نيب ترميمون ڪندڙن کي جيل اماڻڻ گهرجي،سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين:عمران

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان نيب ترميمي بل کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف سربراهه اڳوڻي عمران خان وفاقي حڪومت تي پاڻ کي اين آر او ڏيڻ جو الزام لڳائيندي اعلان ڪيو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) بابت ڪيل ترميمن کي هن ئي هفتي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. عمران خان چيو ته وڏن ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. جن ماڻهن نيب قانونن ۾ ترميمون ڪيون، انهن کي جيل موڪلڻ گهرجي. هيءَ حڪومت آئي ئي ان ڪري هئي ته پنهنجي خلاف ڪيسن کي ختم ڪرائي سگهي. نيب قانون ۾ ترميمون ڪري بي شرمي جو مظاهرو ڪيو ويو، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس وٺندي. ملڪ جو مذاق اڏايو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هڪ طبقو قانون کان مٿانهون ۽ ٻيو ڪمزور هجي ته اهي ملڪ تباهه ٿي وڃن ٿا، ان جو ڪو به مستقبل ناهي. هن جو چوڻ هو ته اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته اسان جي عدالت ان تي نوٽيفڪيشن فراهم ڪندي، ان ۾ هاڻي ڪو شڪ نه ٿيڻ گهرجي ته هي امپورٽڊ حڪومت آئي آهي. جڏهن ته ان جو وزير خرم دستگير چوي ٿو ته اسان هن لاءِ نه آيا هئا ته مهانگائي ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته آمدني ۾ وڌيڪ اثاثا رکندڙ هاڻ قانوني ڪارروائي کان بچي ويندا، هاڻ مني لانڊرنگ جا ڪيس نيب جي اختيارن جي دائري مان ڪڍي ايف آءِ اي حوالي ڪيا ويا آهن. معنيٰ نيب هاڻ پاڻ راڻا ثناءُ الله جي هيٺان هوندو، نيب قانون ۾ ترميم سان نواز، شهباز ۽ زرداري فيملي بچي ويندي. نيب قانون ۾ ترميم ملڪ تي بمباري کان وڏو ڏوهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button