اسلام آبادپاڪستان

دفاعي بجيٽ پارليامينٽ ۾ غور هيٺ نٿي اچي،پارلياماني ڪميٽي ڏسي:سينيٽ ۾ تقريرون

اسلام آباد :سينيٽ ۾ اپوزيشن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته نيب ترميمون ٿيون، اسان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي. اوهان اسان کي ماري رهيا آهيو، روئڻ ته ڏيو. نيب ترميمن سان مريم نواز، راجا پرويز اشرف ۽ فالودي واري جا ڪيس ختم ٿي ويندا. جڏهن ته حڪومتي ميمبرن جواب ڏيندي چيو ته اپوزيشن جون سٺيون سياسي تقريرون هيون وزن نه هو. ملڪ جي ترقي لاءِ مذهب ۽ حب الوطني جو ڪارڊ استعمال نه ڪريو. اين آر او ون ٽو مان ڪنهن شخص فائدو ورتو، ڪنهن هڪ شخص جو نالو کڻو، رڪارڊ سان ڳالهه ڪريو، جذبات کي ڇڏيو. پاڪستان جي جيڪا صورتحال آهي اها اڄوڪي پيدا ٿيل صورتحال نه آهي. اڱاري تي سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدرت ۾ ٿيو. چيئرمين سينيٽ چيو ته مون کي هڪ منٽ اڳ التوا وري رٿ ملي آهي. فنانس بل کان پوءِ ان تي ڳالهائينداسين. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايوان کي آئين ۽ قانون مطابق ڪارروائي هلائڻ ڏيو. اپوزيشن جو چيئرمين سينيٽ کي التوا واري رٿ تي ڳالهائڻ جو ضد برقرار رهيو. اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو ته اهم مسئلو آهي ملڪ جو اخلاق تباهه ٿي رهيو آهي. گذريل ڏينهن اسان پٽيون ٻڌي آياسين، هي اين آر او ٽو وٺي رهيا آهن. هن ملڪ ۾ احتساب سان جٺ ٿي رهي آهي. سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو ته اپوزيشن ميمبرن کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي، چيئرمين سينيٽ اپوزيشن کي اڌ ڪلاڪ لاءِ بلز تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. حڪومتي ميمبرن اپوزيشن کي بلز تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ تي احتجاج ڪيو. چيئرمين سينيٽ چيو ته سڀ ماڻهو ٻڌي ڇڏيو ان وٽ صرف اڌ ڪلاڪ آهي، ڳالهائڻ ڏيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جڏهن کان نيب ترميمون ٿيون اسان کي ان تي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. اسان کي اوهان ماري رهيا آهيو هاڻي اسان کي روئڻ ته ڏيو. هن چيو ته حڪومت بي حيائي سان نيب ترميمون ڪرايون، هي ڪنهن جي پيءُ جو پئسو آهي جو اوهان ڪرپشن معاف ڪري ڇڏي. نااهل ۽ ڪرپٽ ماڻهو حڪومت ۾ويٺا آهن اسان ڪرپشن ناهي ڪئي، ان لاءِ اسان ڪرپشن نه ٿيڻ ڏينداسين. سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته جوابدار ڪڏهن قاضي نٿو بڻجي سگهي، موجوده حڪومت ڪرپٽ آهي هي اين آر او ٽو وٺڻ چاهين ٿا. نيب ترميمن سان مريم نواز، راجا پرويز اشرف ۽ فالودي واري جا ڪيس ختم ٿي ويندا. هن چيو ته احسن اقبال ڪرپشن کي جائز قرار ڏيندي ان جا فضائل بيان ڪيا، صدر تمام سٺو ڪيو جو انهن بلن کي واپس ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته هن وقت ملڪ ۾ انڌير نگري آهي. هڪ وفاقي وزير چوي ٿو ته ڪرپشن ڪائي شئي نه آهي. پنجاب جو وڏو وزير اسڪول وڃي ٻارڙن کي چوي ٿو ته ڪرپشن ته ٿيندي آهي. هن چيو ته ايف ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو ڪريڊٽ پاڪستاني ادارن ۽ عمران ان ڏانهن وڃي ٿو. سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اپوزيشن جون سٺيون سياسي تقريرون هيون پر وزن نه هو. ملڪ جي ترقي لاءِ مذهب ۽ حب الوطني جو ڪارڊ استعمال نه ڪريو. شهزاد وسيم چيو ته اوهان جو مرڪندڙ چهرو سٺو لڳي ٿو، اوهان جي مرڪندڙ چپن تي اداسي سٺي نٿي لڳي. چيئرمين سينيٽ اپوزيشن ليڊر کي جواب ڏنو ته اوهان ماڻهو به گهٽ تنگ نٿا ڪريو. اعظم نذير تارڙ چيو ته رڪارڊ سان ڳالهه ڪريو ڪاوڙ سان نه ڪريو. سينيٽر رضا رباني چيو ته پاڪستان جي فنانشل ۽ اڪنامڪ صلاحيت پرڏيهي سامراج کي کپائي ڏني وئي آهي. پاڪستان جي بجيٽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان نه پر آئي ايم ايف طئي ڪري ٿو. هن چيو ته 2018 ۾ آئي ايم ايف سان جيڪو معاهدو ٿيو ان ۾ ڪجهه شرط مڃيا ويا. معاهدي ۾ پيٽرول گئس، ايل اين جي سڀ مهانگا ڪرڻ جا شرط شامل هئا، ان کان پوءِ وڌيڪ شرط شامل ٿيا ۽ انهن تي عمل ڪيو ويو. رضا رباني چيو ته ڪافي ڏينهن کان هي ڳالهيون هلي رهيون آهن آئي ايم ايف بجيٽ رليف تي راضي نه آهي. چيو پيو وڃي ته آئي ايم ايف پگهاردار طبقي تي ٽيڪسز جي حوالي سان راضي نه آهي. جيڪڏهن ايئن آهي ته پاڪستان جي حيثيت سان اسان کي ان کي واضح طور تي ٻڌائڻو پوندو. رضا رباني چيو ته روس جي تيل جي روز ڳالهه ٿئي ٿي پر حقيقتون پوئتي رهيون وڃن ٿيون. روس جو تيل يوڪرين جي جنگ کان اڳ ڊسڪائونٽ تي ملي سگهي پيو. پاڪستان ۾ ڪائي اهڙي رفائنري نه آهي جيڪا روسي تيل کي رفائن ڪري سگهي. هن چيو ته آئي ايم ايف سان معاهدو نئين شرطن تي طئي ڪيو وڃي، ان کان پوءِ جي سمورين اسٽاف ليول ڳالهين جي معاهدن کي پارليامينٽ ۾ رکيو وڃي. عالمي مالياتي ادارن جي حوالي سان پارليامينٽ مان قانونسازي تي ڪم ڪيو وڃي. عالمي معاهدن سان ايڪٽ جو ڊرافٽ ٻنهي هائوسن مان منظور ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت فوري طور تي اسٽيٽ بئنڪ خودمختياري بل واپس وٺي. هڪ اڪائونٽ جي آئي ايم ايف جي شرطن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. رضا رباني چيو ته دفاعي بجيٽ پارليامينٽ جي غور هيٺ نٿي اچي، پارلياماني ڪميٽي دفاع جي بجيٽ کي ڏسي. انٽيليجنس بابت پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ته جيئن اها پارلياماني نگراني ۾ اچي. ٽريڊ يونين سرگرمي کي بحال ڪيو وڃي. سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته هتي جيڪو به رٿ آڻي ٿو ته بجيٽ سيشن جو چيو وڃي ٿو. هتي ڪڏهن ڊي جي آئي ايس پي آر تي ڳالهايو وڃي ٿو. ڪڏهن قانونن تي ڳالهه ٿئي ٿي مان ايف ٽي ايف تي رٿ آڻڻ چاهي 2018 کان اڳ دشمنن سازش ڪري اسان کي ايف ٽي ايف جي واچ لسٽ تي رکيو پوءِ گري لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سينيٽر عابده عظيم چيو ته عثمان خان ڪاڪڙ جي ياد ۾ جلسو ڪيو پيو وڃي، جلسي کي محمود اچڪزئي خطاب ڪندو. ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عثمان ڪاڪڙ لاءِ دعا به ڪرائي وڃي. جنهن تي سينيٽر عبدالغفور حيدري مرحوم لاءِ دعا ڪرائي. اجلاس دوران سينيٽ اجلاس ۾ مختلف قائمه ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button