اسلام آبادپاڪستان

بينظير ڀٽو شهيد پارليامينٽ اندر ۽ٻاهر مثالي ڪردار رکندڙ سياستدان رهي آهي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد :قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد پارليامينٽ جي اندر ۽ پارليامينٽ جي ٻاهر هڪ مثالي ڪردار رکندڙ سياستدان رهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو عزم ۽ جرائت ۽ جدوجهد جي عظيم مثال آهي، موجوده دور جي عورتون محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي فخر ڪري سگهن ٿيون. هو اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ويمن ڪاڪس جي اهتمام هيٺ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ منعقد تقريب کي خصوصي مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو، تقريب ۾ سينيٽر يوسف رضا گيلاني، سينيٽر جنرل رٽائرڊ عبدالقيوم، ڊاڪٽر فهميده مرزا به شريڪ ٿيا، راجا پرويز اشرف چيو ته آئون ان سپوزيم جي انعاد تي ويمن پارليامينٽري ڪاڪس جي سمورن پارليامينٽرينز کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، خاص طور تي ڊاڪٽر فهميده مرزا جي خدمتن جو اعتراف ڪريان ٿو، جنهن ان ويمن پارليامينٽري ڪاڪس جو سنگ بنياد رکيو، موجوده سيڪريٽري ڊاڪٽر سيده شاهده رحمان کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن پنهنجون ذميداريون سنڀالڻ سان گڏ ئي هڪ عظيم الشان سپوزيم جو انعقاد ڪري شهيد بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو، بينظير ڀٽو شهيد پارليامينٽ جي اندر ۽ پارليامينٽ جي ٻاهر هڪ مثالي ڪردار رکندڙ سياستدان رهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو شهيد ۽ عزم ۽ جرئت ۽ جدوجهد جي هڪ عظيم مثال آهي، موجوده دور جون عورتون بجا طور تي محترمه بينظير ڀٽو تي فخر ڪري سگهن ٿيون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بينظير ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي هڪ باصلاحيت ڌيءَ هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، جمهوريت ۽ ملڪي ترقي لاءِ ان جي ٻاريل شمع کي سدائين روشن ۽ سربلند رکيا، شهيد بينظير ڀٽو هڪ سٺي ماءُ هجڻ جو ثبوت به ڏنو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جهڙي عظيم فرزند جي تربيت ڪئي، شهيد راڻي سياست جي ميدان ۾ جيڪي اڻمٽ ڇڏيا هو پنهنجي مثال پاڻ آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته دنيا جي اندرسڀ مذهب ۽ دنيا جي سڄي تهذيب ۽ تمدن ۽ ڪلچر ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسانيت سان گڏ سڀ کان وڏي زيادتي ظلم هوندو آهي، اهڙي طرح سمورا مفڪر ان ڳالهه تي متفق آهن ته وڏا ماڻهو سدائين ظلم جي خلاف جدوجهد ڪندا آهن، شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي کي ڏٺو وڃي ته توهان جي پوري زندگي ظلم جي خلاف جدوجهد سان عبارت آهي، اسپيڪر چيو ته محترمه ظلم سٺا ته ضرور آهن پر ڪنهن تي ظلم ڪيو نه آهي، ان دور ۾ شهيد بينظير ڀٽو کان وڏو مظلوم ڪير هوندو، جنهن جي جواني ۾ ان جي والد کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اها ڳالهه اسان جي نظر ۾ رهڻ گهرجي ته شهيد بينظير ڀٽو جي والد ڪو عام انسان نه هو، ذوالفقار علي ڀٽو ٽئين دنيا جو قائد هو، هو سمورن مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ وارو هو، راجا پرويز اشرف چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ اهڙي شخصيت هو جنهن پاڪستان کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو، اهڙي عظيم والد کي شهيد بينظير ڀٽو جي سامهون شهيد ڪيو ويو پر شهيد بي بي ان ظلم جو جواب ظلم سان نه ڏنو، شهيد بينظير ڀٽو ان فلسفي جو باني آهي ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چيو ته اڄ به شهيد بينظير ڀٽو سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ شهيد بي بي جو اهو پيغام آهي ته جمهوريت کي مضبوط ڪيو، ادارن کي مضبوط ڪيو، مظلوم عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button