پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ پرڻيل عورت اغوا، ڪيس داخل

سامارو: سامارو لڳ پرڻيل عورت اغوا ٿي وئي، پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. صالح ڀنڀرو ڀرسان ديهھ کن فارم جي رھواسي سليمان ڀٽي سامارو ٿاڻي تي زال نوران کي بچابند ڀرسان ڳوٺ پير تاج جي رھواسي جوابدار ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. فريادي سليمان ڀٽي ڄاڻايو آھي ته گذريل مھيني جي 25 تاريخ تي جوابدار مھتاب آريسر ۽ ٻن نامعلوم جوابدار ھٿيارن جي زور تي منھنجي زال نوران کي اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ اغوا ڪري کڻي ويا، چڱن مڙسن کي واپسي لا منٿون ڪيون، جن زال جي واپسي جا آسرا ڏنا، پر زال واپس نه ٿي آهي. هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن جي گرفتاري ۽ عورت جي بازيابي لا مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا، پر جوابدار ۽ عورت نه ملي سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button