پاڪستانسنڌ

جي يو آئي اميدوارن کي پ پ نمائندا ڌمڪيون پيا ڏين:راشد محمود

عمرڪوٽ/ ڊگھڙي: جي يو آئي اڳواڻ راشد محمود سومرو عمرڪوٽ ۽ ڊگهڙي ۾ پارٽي اميدوارن جي ورڪ ڪئي. ان سلسلي ۾ راشد محمود سومرو عمرڪوٽ ۾ ميونسپل جي وارڊ نمبر 9 تي بيٺل جي يو آئي اميدوار نواز بجير کي ڪامياب ڪرائڻ لا پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ۽ ڪارنر ميٽنگ ڪئي، جنهن بعد هن عوثيه چوڪ لڳ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي يو آئي اميدوارن کي ھٿ کڻائڻ لا پ پ نمائندا ڌمڪيون پيا ڏين، منھنجي ڪنھن به اميدوار کي ڪجھه ٿيو ته اوھان جون ٻانھون ۽ ڄنگهون سلامت نه رھنديون، سنڌ ۾ عوام ووٽ پ پ کي ڏنا، پر شھر کنڊر ۽ قبرستان بڻجي ويا آھن. بلاول ڀٽو سامھون 2018 ۾ اسان کٽيو ھو، پر ٻن ڏينھن بعد ڌانڌلي ذريعي نتيجا بدلايا ويا، سنڌ ۾ ايندڙ وڏو وزير اسان جو ھوندو ۽ سنڌ ۾ جي يو آئي جو ڪٿي به پي ٽي آئي سان بلدياتي اليڪشن جو اتحاد ناھي. جي ڊي اي سان مختلف ھنڌن تي اتحاد آھي. راشد محمود سومرو مختلف سوالن جي جواب ۾ چيو ته عمران خان ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طور ڪمزور ڪيو. هن چيو ته آئون عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪي پيو آھيان منھنجي شھيد بابا جي ڪيس ۾ اڃان تائين انصاف نه مليو آھي. سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي لا ٻٽو معيار رکيو ويو آهي. هوڏانهن ڊگهڙي شهر جي وارڊ نمبر 5 تي بيٺل جي يو آئي اڳواڻ مولانا رضوان الحق جالنڌري جي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ راڻي ٽائون ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن کي مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته جڏهن هنن علائقن ۾ ڪا ٻوڏ يا طوفان آيو ته هن مسڪين عوام جي مدد ڪرڻ لا جي يو آئي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پهتا، جن متاثرن کان ڪڏهن به اهو نه پڇيو هوندو ته اوهان جي ڪهڙي ذات، مذھب يا فرقو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن، وسيلن ۽ نياڻين جي عزت جي جنگ صرف اسان وڙهي رهيا آهيون، غريب هارين ۽ مزدورن جي جنگ اسان ئي ته وڙهون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button