پاڪستانرانديون

ظهير عباس جي طبيعت خراب، آءِ سي يو ۾ داخل

لنڊن: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ظهير عباس گذريل ٽن ڏينهن کان لنڊن جي هڪ اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل آهي، کيس نمونيا ۽ گردن جي تڪليف ٿي پئي آهي. رپورٽ مطابق ظهير عباس لنڊن ويندي دبئي ۾ ترسڻ دوران ڪرونا وبا جو شڪار ٿيو. لنڊن پهچڻ تي کيس نمونيا ۽ گردن جي تڪليف ٿي پئي، کيس لنڊن جي هڪ اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي کيس آڪسيجن تي رکيو ويو آهي. ظهير عباس ڊائلاسز تي آهي ۽ ڪمزوري محسوس ڪري رهيو آهي جڏهن ته ساڻس ملاقات تي پابندي آهي. ظهير عباس گذريل ڏينهن اشارن وسيلي ڌيءِ سان سلام دعا ڪئي. ظهير عباس جي خاندان طرفان مداحن کي دعا جي درخواست ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button