پاڪستان

ملڪ ۾ 2010ع جي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد: موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته سانوڻي جي برساتن سبب 2010 جي خطرناڪ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته برساتن جي اثرن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ احتياطي اپائن سميت گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آگسٽ ۾ چوماسيءَ جون برساتون پونديون، پنجاب ۽ سنڌ ۾ برسات معمول کان وڌيڪ پوڻ جو امڪان آهي، برساتن جي شروعات ئي ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ هنگامي صورتحال پيدا ڪري آهي. سندس چوڻ هو ته ندين، نالن ۽ درياهن ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌيڪ آهي، اسان کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، شهري علائقا به امڪاني طور طوفاني برساتن کي منهن ڏيندا، شهري ٻوڏ جو واضح خطرو آهي، لاڳاپيل ادارن کي گذارش آهي ته اڳواٽ قدم کڻن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button