سنڌ

سکر ۾ ڪارنهن تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 4 ڄڻا زخمي

سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر موجب سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد لغاري پاڙي ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ راشد لغاري موقعي تي قتل ويو، جڏهن ته واٽهڙو سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي، نوجوان کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاري ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button