سنڌ

شاهپورجهانيان ۽ ڀرپاسي زين شاهه جا دورا،گلن جي ورکا سان استقبال

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه شاهپورجهانيان ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ دورو ڪيو، ان موقعي تي گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ويو. ڳوٺ ننگر مڪان ۾ يوسي ڦليل جي ايس يو پي اميدوار رفيق احمد ڏاهري، شاهپورجهانيان شهر جي وارڊ 3 تي ايس يو پي اميدوار عبدالحميد ٻگهيو ۽ وارڊ 4 تي ايس يو پي اميدوار عبدالفتاح ٻگهيو پاران سندس مان ۾ ڏنل چانهه پارٽي ڏني وئي. ڪارنر گڏجاڻين توڙي وارڊ 4 ٻگهيا پاڙي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي صدر زين شاهه چيو ته اٽي، لٽي ۽ اجهي جي دعويدار پ پ سرڪار عوام جي وات مان ماني ڳڀو کسي بک ۽ بدحالي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ جا ماڻهو بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو خوشحالي ۽ ظالم حڪمرانن کان نجات چاهين ٿا ته 26 جون تي ڪار تي ٺپو هڻي ايس يو پي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button