سنڌ

پڊعيدن ۽ ٽنڊوالهيار جا 3 مزدور بلوچستان ۾ دهشتگردن هٿان قتل

پڊعيدن ۽ ٽنڊوالهيار جي 3 مزدورن کي بلوچستان جي شهر اوشاب ۾ دهشتگردن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پڊعيدن جي ڳوٺ باران مري جو رهواسي 52 سالن جو محمد حنيف پٽ محمد آچر سيال 3 مهينا اڳ مزدوري لا ويو هو. بلوچستان جي شهر اوشاب ۾ 4 دهستگردن مٿن فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي مقتول پورهيت محمد حنيف سيال جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته مقتول جو لاش بلوچستان کان پڊعيدن آندو ويو، لاش گهر نيو ويو ته روڄ راڙو مچي ويو. هوڏانهن علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي. ان موقعي تي مقتول جو لاش کڻي آيل سندس پٽ محمد انیس سيیال ٻڌايو ته بلوچستان جي شهر اوشاب ۾ 4 دھشتگردن فائرنگ ڪري 3 ڄڻا قتل ڪري ڇڏيا. اکين ڏٺي شاھد علي غلام لنڊو ٻڌايو ته محمد حنيف سيال ۽ ٽنڊوالهيار جا رهواسي مزدور عرفان ۽ عمران علي پٽ خادم حسين لنڊ قتل ٿي ويا ۽ مکڻ نالي سان ھمراهه زخمي ٿي پيو. پورهيت آصف زرداري ٻڌايو ته حنيف ڪريش لاھي موٽي رھيو ھو ته 4 دھشتگردن فائرنگ ڪري 3 کي ٿڏي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button