سنڌ

سيراڻي،شادي لارج ۽ کوسڪي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال،ڌرڻا

سيراڻي، شادي لارج ۽ کوسڪي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪري مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. ان ڏس ۾ گذريل رات سيراڻي شهر ۾ نامعلوم چور واپاري ارجن ٺڪر جي دڪان جا تالا ٽوڙي هرٻي جا 20 ڪٽا چوري ڪري ويا، جن جي ماليت 2 لک روپيا ٻڌائي وڃي ٿي. واقعي خلاف شهر جي سياسي سماجي ڌرين ۽ واپارين شٽربند هڙتال ڪري ميرواهه موري چوڪ تي ڌرڻو هڻي بدين – ڀڳڙا ميمڻ روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي واپاري اڳواڻن ۾ مير محمد ملواڻي، ارجن ٺڪر، سيد حاجن شاهه، سليمان کوسو، انيل ڪمار، مير حسن خاصخيلي، صديق جوڻيجو، صالح رند ۽ ٻين چيو ته سيراڻي پوليس جو انچارج صالم کوسو جي اچڻ سان چورين جو آزار، منشيات ۽ ٻيون برايون وڌي ويون آهن. هفتي اندر 10 کان وڌيڪ چوريون ٿيون آهن. هوڏانهن 3 ڏينھن اڳ شادي لارج جي واپاري اسد آرائين کان 8 لک روپيا ڦر ٿيڻ، گذريل رات واپاري رميش واڻيو کان 7 لک روپيا ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف شهري ادريس باجوا، عرفان قائمخاني، عبدالرحمان، اڪبر ڀوت، ڄام نهڙيو ۽ ٻين شٽربند هڙتال ڪري ٿرڪول با پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button