سنڌ

شهيد بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه، مختلف شهرن ۾ تقريبون

پاڪستان پيپلزپارٽي پاران شهيد بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه ملهائي وئي. مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا. اڳواڻن چيو ته شهيد راڻي جي مشن کي جاري رکيو ويندو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ايم پي اي عبدالجبار خان سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي شهيد بينظير ڀٽو جي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري لا قرباني ڏني، هو هميشه ياد رکي ويندي. ٻئي پاسي پ پ پي ايس 66 جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي پاران قاضي هائوس تي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي جيالن شرڪت ڪئي، جنهن دوران شهيد راڻي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. پاشا قاضي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي قرباني سبب ملڪ ۾ اڄ جمهوريت آهي. لاڙڪاڻي سميت جي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪري اڳواڻن ۽ جيالن ڪيڪ ڪاٽي شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جيڪب آباد سول اسپتال ۾ ايم ايس ڊاڪٽر انيس احمد سنجراڻي جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ڪيڪ ڪاٽي شھيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه ملهائي، ان موقعي تي ڊاڪٽر عزيز الله ٽالاڻي، ڊاڪٽر عبدالحڪيم سومرو، ڊاڪٽر وجي ڪمار، ڊاڪٽر سوز علي جکراڻي، ڊاڪٽر طفيل احمد کوسو ۽ ٻيا موجود هئا. ٺٽي ۾ پ پ ضلعي صدر انجنيئر صادق علي ميمڻ، ايم پي اي رياض شاهھ شيرازي، صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنھور، اڳوڻي ضلعي چيئرمين غلام قادر پليجو، محمود عالم شاهھ، عبدالخالق سومرو، عبدالحميد سومرو ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. سجاول ۾ پ پ آفيس سجاول ۾ سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي، ارباب ڪامران، وزير ميمڻ، عبدالستار لوهار، منظور رحيم پليجو، نجيب سانگي سرويچ، ڊاڪٽراقبال ميمڻ، ربڏنو جت، ڊاڪٽر هريش ڪمار، ڊاڪٽر عثمان سرويچ، سجاد شورو، رميز زئور ۽ فردوس عزيز ميربحر سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ٻيراڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه ايم اين اي شازيه مري جي رهائشگاهه تي ملهائي وئي، مک تقريب ۾ پ پ سينيٽر قرت العين مري ۽ اورنگزيب مري ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب ۾ نادر مري، جان محمد مري، هير بيار مري، غلام حسين رانجهاڻي، شاهد مري، حيدر مري، قادر داد مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنجهورو ۾ سپاف ضلعي سانگهڙ جي صدر خادم حسين خاصخيلي، علي رضا چاڪراڻي، شير محمد رند، راڻا حاجي محمد انور، شير علي چانگ، شير محمد خاصخيلي، ذوالفقار رند، صغير احمد شيخ، غلام عباس خاصخيلي، افضل لغاري، ضمير شيخ، ڪاشف راجپوت، الطاف رند، وقاص ملڪ، رانا شان علي راجپوت، غلام علي لغار،ي ظھير عباس خاصخيلي، سعيد سنگھڙا ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. ڀٽ شاھه ۾ پيپلز ڊاڪٽرس فورم پاران ڊي ايڇ او سائوٿ آفيس ھال ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 69 سالگرهه ملهائي وئي، جنهن دوران ڊاڪٽر ڪريم خواجا، ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ، ڊاڪٽر عاشق شاهھ، ڊاڪٽر غلام علي بوزدار، ڊاڪٽر مشتاق ملڪاڻي، ڊاڪٽر ايوب بلوچ، ڊاڪٽر سرور مورائي، ڊاڪٽر مسعود کوسو، ڊاڪٽر عديل سمون، ڊاڪٽر عظمان سومرو، ڊاڪٽر انيلا سولنگي، ڊاڪٽر بشرا ميمڻ، ڊاڪٽر سڪندر جماڻي، ڊاڪٽر شمس جوکيو، ڊاڪٽر سڪندر علي تنيو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. ٽنڊو ڄام ۾ پ پ اڳواڻ مير شير محمد ٽالپر جي رهائشگاهه تي سالگرهه ملهائي وئي. ان موقعي تي مير شير محمد، اسماعيل سمون، عارف ڀٽو، وزير مشوري، شريف قريشي، مير خان محمد ٽالپر، ڊاڪٽر رحيمداد، غلام علي گوپانگ ۽ پير راحيل سميت ڪارڪنن سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button