پاڪستانسنڌ

عورتن کي مقامي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي:سماجي تنظيمون

شھدادپور: عورتن کي مقامي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، اليڪشن ۾ سڌارا آڻڻ لا صوبائي حڪومتن سان لابنگ ڪري عورتن جي اھميت کي نمايان جا ڏيارڻ گهرجي. سپ پاڪستان ۽ عورتن فائونڊيشن جي اڳواڻن رفيع گولاڻي، نور محمد منگي، ھادي زبير ابڙو ۽ ٻين شھدادپور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته هن سماج جي اھم حصي جي اڌ آبادي عورت جي هجڻ باجود عورت مقامي بلدياتي اليڪشن ۾ ڪائونسلر جي سيٽ تي حصو نٿي وٺي، جنهن سان سماج جو وڏو نقصان ٿئي ٿو. اسان تي فرض ٿو ٿئي ته سياسي پارٽين کي راضي ڪريون ته جنرل سيٽن تي عورتن کي بيهاري سماج جي پڙھيل حصي جي مالڪي ڪرائي وڃي. هنن چيو ته اليڪشن قانون ۾ اهڙا سڌارا آندا وڃن، جنهن سان سموريون سياسي ڌريون ان عمل جو پابند هجن ته کين عورتن کي بااختيار بنائڻ لا قدم کڻڻا پوندا. اسان سياسي سماجي ڌرين کي به گذارش ڪريون ٿا ته پنهنجي پنهنجي منشور ۾ عورتن کي اھميت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button