
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن گم آھي. سنڌ حڪومت تعليم سميت مختلف کاتن جي ڪرپٽ آفيسرن کي ڊي آر او ۽ آر او مقرر ڪري مخالفن جا فارم رد ڪري ڇڏيا آھن. جن مخالفن جا فارم بحال ٿيا آھن، انھن تي ڪوڙا ڪيس ڪيا پيا آھن. بلدياتي اليڪشن کٽڻ لا پيپلزپارٽي سڄي سنڌ ۾ غنڊاراڄ قائم ڪري رکيو آھي. صوبائي ۽ وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪري اليڪشن مھم ھلائي رھيا آھن پر اليڪشن ڪميشن اکيون بند ڪري سمھي رھي آھي.
اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي ڪرپشن ذريعي سنڌ کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، غربت ۽ بدحالي جي ڪري ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. پيپلزپارٽي اليڪشن کان خوفزده آھي ان ڪري عورتن، مزدورن، ھارين کان زبردستي ھٿ کڻائڻ لا منٿ ميڙ قافلا وٺي ھٿ کڻائي رھي آھي. ھٿ نه کڻندڙ اميدوارن لا ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي. ڪوڙا ڪيس، حملا ۽ چوريون ڦرون ڪرايون پيون وڃن. ھوڏانھن حيدرآباد ۾ ھٿرادو نموني قومي عوامي تحريڪ جي رد ڪيل اميدوارن فارمن جي بحالي لا سيشن ڪورٽ اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون، جنھن تي عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ۽ آر اوز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.