پاڪستانسنڌ

سئوٽ 90 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي: بدين واسي واپاري

دڙو: دڙي ۾ بدين واسي واپاري علي مرتضى ميمڻ پنهجن ويجهن مائٽن اسلم ميمڻ، الهڏنو اي ڊي ميمڻ، شمس الدين ميمڻ، ابراهيم ميمڻ ۽ محمود ميمڻ سان گڏ عوامي پريس ڪلب دڙو پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن الزام هنيو آهي ته ديھه اولهندو لائقپور ۾ اسان جي 90 ايڪڙن تي ٻڌل سروي زمين ۽ سنڌ جي ناليواري مشهور ٺري ڍنڍ تي منهنجي سئوٽ عبدالرحيم ميمڻ قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، جيڪي اسان کي پنهنجي زمين تي اچڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته اسان ڄاڻايل زمين قبضو ڪندڙ عبدالرحيم ميمڻ جي ڀاءُ اسلم ميمڻ کي 5 سالن جي مقاطعي تي ڏني هئي، جيڪا اسلم ميمڻ بدين منتقل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ڀاءُ عبدالرحيم ميمڻ حوالي ڪئي پر هاڻي مقاطعي جو وقت پورو ٿيڻ باوجود عبدالرحيم ميمڻ نه زمين خالي ڪري ٿو ۽ نه ئي وري مقاطعو ڏئي ٿو ويتر اسان کي ڌمڪائي رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته منھنجي سروي زمين ۽ ڍنڍ تي ٿيل قبضو خالي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button