اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي،نئين تڪبندين جو حڪم

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آھن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ الڪيشن ڪميشن کي 65 ڏينهن ۾ نيون تڪبنديون ڪرائي چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جسٽس اطھر من الله جي سربراھي ۾ بلدياتي چونڊن بابت نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي شنوائي ٿي، جنھن ۾ اليڪشن ڪميشن عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان دوران چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪھڙو فيصلو ڪيو آھي؟ ان تي ڪميشن جي عملدارن ٻڌايو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آھن. اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن تي حڪومتي نوٽيفڪيشن جي تحت وضاحتي موقف ڏنو آھي. جسٽس اطھر من الله سوال ڪيو تھ اھو ٻڌايو ته ڪيترن ڏينھن ۾ اليڪشن ٿيندي؟ ان تي اليڪشن ڪميشن عملدار ٻڌايو تھ 60 کان 65 ڏينھن ۾ چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيو. چيف جسٽس ڪميشن جي عملدارن کي ھدايت ڪئي تھ ووٽ کي ھڪ وارڊ کان ٻئي وارڊ منتقل نھ ڪيو وڃي. ان تي اليڪشن ڪميشن جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته پهريان نيون تڪ بنديون ڪنداسين ۽ پوءِ مڪاني چونڊن جو شيڊول ڏينداسين. 60 ڏينهن ۾ نيون تڪ بنديون ڪري چونڊ شيڊول جو اعلان ڪنداسين. عدالت وفاقي حڪومت کي مڪاني چونڊن لاءِ لاءِ سهڪار جو حڪم ڏئي، ڇاڪاڻ ته حڪومتون مڪاني چونڊن ۾ رنڊڪون وجهنديون آهن تنهنڪري عدالت وفاقي حڪومت کي مڪاني چونڊن جي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جو حڪم ڏئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ الڪيشن ڪميشن کي 65 ڏينهن ۾ نيون تڪ بنديون ڪرائي چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button