اسلام آبادپاڪستان

ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ ڪانٽريڪٽ بابت قانون آڻيون پيا:مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت پيمرا قانونن ۾ ترميم آڻي رهي آهي، جيڪا به ترميم ٿيندي. ان ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلنداسين. حڪومت آزاد صحافت تي ڪامل يقين رکي ٿي. اڳوڻي دور ۾ صحافين کي اغوا ۽ مٿن تشدد جا واقعا ٿيا، اسان جي دور ۾ ڪوئي اهڙو واقعو ناهي ٿيو. سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مريم اورنگزيب خاص طور شرڪت ڪئي. مريم اورنگزيب چيو ته پيمرا جي حوالي سان ترميم ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. اسان جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مشاورت سان ترميم آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پگهارون نه ڏيندڙ ميڊيا هائوسز جا اشتهار بند نه ڪيا ويا ۽ نه ئي کين صحافين جي پگهارن جي ادائيگي سان ڳنڍيو ويو. ورڪرز جي پگهارن ۽ ڪانٽريڪٽ جي حوالي سان قانون آندو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته فواد چوڌري پنهنجي دور ۾ چينلز جي ڪئٽيگري تبديل ڪئي، 2019 ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ چينلز جي درجه بندي ڪئي وئي. مريم اورنگزيب چيو ته هن چيو ته اطلاعات وزارت پاران ڪميٽي کي 2008 کان 2013، 2013 کان 2018 ۽ 2018 کان 2022 تائين حڪومت پاران اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي جاري ٿيندڙ اشتهارن تي خرچ ٿيندڙ رقم ۽ ادائيگين جي طريقيڪار جي تفصيل کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي پهرين جون 2022 تي ٿيندڙ اجلاس جي سفارشن ۽ فيصلن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت مريم اورنگزيب، شاهيرا شاهد، پرنسپل آف انفارميشن آفيسر سيد مبشر حسن ۽ اطلاعات وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button