اسلام آبادپاڪستان

آ ايم ايف جو اسان تي ڀروسو ناهي،پر جلد معاهدو ٿيندو:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان سمورا شرط طئي ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ڪو نئون شرط نه آيو ته معاهدو جلد ٿي ويندو. تحريڪ انصاف حڪومت طرفان معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ تي آءِ ايم ايف چيو اسان کي توهان تي اعتبار ناهي. توهان به ته پاڪستان جي حڪومت آهيو، توهان تي ڪيئن اعتبار ڪريون. ڪالهه اسلام آباد ۾ نواز ليگ جي سينيٽرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو ڪيو ته اها اگهه وڌائيندي پر شرطن تي عمل نه ڪيو. انهن کي شڪست نظر اچڻ لڳي ته انهن تيل سستو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي حڪومت تيل جا اگهه گهٽ ڪرڻ جو فيصلو پاڻ ئي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسان ڪيستائين چين کان مدد گهرندا رهنداسين، سعودي عرب اسان جو ڀاءُ آهي پر ڪيستائين اسان جي مدد ڪندو؟ چين ۽ سعودي عرب چوندا هوندا ته اسان ڪڏهن پنهنجي پيرن تي بيهنداسين. سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ رياست ۽ پوءِ سياست، جيڪڏهن رياست کي ڪجهه ٿيو ته سياست نه رهندي. گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سبب اسان کي اگهه وڌائڻا پيا ۽ عوام تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته يا معاهدو نه ڪيو پر جيڪڏهن ڪيو وڃي ته ان کي تسليم ڪرڻو پوندو آهي. اڄ آءِ ايم ايف چئي ٿو ته اسان توهان تي ڪيئن يقين ڪيون؟ گذريل حڪومت سان جيڪو معاهدو ٿيو، ان تي عمل نه ڪيو ويو، توهان به پاڪستاني حڪومت آهيو. شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان سمورا شرط طئي ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ڪو نئون شرط نه آيو ته معاهدو جلد ٿي ويندو، ڪجهه ساٿين جي راءِ هئي ته اسان کي سڌارا ڪري چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي پر هاڻ اتحادين جو گڏيل فيصلو آهي ته حڪومت 14 مهينن جو مدو پورو ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ اوهان کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ فون ڪيو ويو آهي. گذريل حڪومت کي ساڍا ٽي سال عوام جو ڪو به خيال نه هو پر هاڻي اتحادين اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي. حڪومت کي پنهنجو 14 مهينا مدو پورو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته عمران خان نئين حڪومت لاءِ بارودي سرنگون وڇايون، گذريل حڪومت پيٽرول سستو ڪرڻ لاءِ ڪو فنڊ نه ڏنو، ملڪ جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻڻا پوندا. روئڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، اسان کي هن قوم جي حالت سڌارڻ لاءِ اهم قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته جيڪي قومون حالتون بدلائڻ لاءِ تيار آهن، الله انهن جي حالت بدلائي ٿو. هن قوم کي الله تعاليٰ بيشمار قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، ان ۾ قوم جو قصور ناهي پر قيادت جو آهي. هڪ مثال ريڪوڊڪ آهي، جنهن کي اسان هن وقت تائين استعمال نه ڪري سگهيا آهيون، اهو مسئلو غلط طريقي سان حل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي ۾ 30 رپيا واڌ جو معاهدو ڪيو هو. عمران خان جي حڪومت اربين رپين جي سبسڊي ڏئي خزاني کي خالي ڪيو ۽ ڪارٽيل کي فائدو ڏنو. شهباز شريف چيو ته قوم سان غلط بياني نه ڪندس ۽ سچ ڳالهائيندس، قوم کي ڪڏهن به دوکو نه ڏيندس ۽ نه چوندس ته کير ۽ ماکي جي واهه واهه ڏينداسين، اربين ڊالر پاڪستان آڻينداسين ۽ نئون پاڪستان ٺاهينداسين. شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت چين کي ناراض ڪيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪرڻ ڪٿي جي عقلمندي آهي؟ ڇا هي آهي نئون پاڪستان؟ توهان چين کان مدد وٺو ۽ ان تي الزام لڳايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button