پاڪستانسنڌ

پيروسڻ لڳ شاخ مان عورت جو لاش مليو

پيروسڻ: پيروسڻ ڀرسان علي نواز شاخ جي آر ڊي 4 وٽان پاڻي مان اڌڙوٽ عورت جو لاش هٿ آيو. ڳوٺاڻن شاخ ۾ عورت جي لاش کي تَرندو ڏسي پيروسڻ پوليس کي اطلاع ڏنو، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو علي نواز شاخ مان لاش ٻاھر ڪڍرائي تعلقي اسپتال ٺري ميرواهھ منتقل ڪيو، جتي عورت جي سڃاڻپ 35 ورهين جي شبانه زال حاتم ٻانڀڻ ٺري ميرواھه ويجھو ڳوٺ دُٻي لياقت آباد طور ٿي، جنھن بعد پوليس ضروري ڪارروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن ٻڌايو ته عورت جو ذهني توازن ٺيڪ نه ھو، واقعو اتفاق سان پيش آيو آھي. ٻئي طرف ٺري پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button