پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ آزاد پينل جي اميدوارن جو پوليس خلاف مظاهرو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان يوسي مير فتح خان ٽالپر جي آزاد پينل جي اميدوارن ضلعي ڪائونسل جي ميمبر اميدوار زاهد رمداڻ، چيئرمين جي اميدوار امتياز رمداڻ، اڳوڻي ناظم جاويد رمداڻ، شمس رمداڻ، رزاق ڪلوئي، غلام مصطفى ڪلوئي ۽ يوسي جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين وڏي انگ ۾ محمدي چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جا چارئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا. اڳواڻن چيو ته اسان آزاد حيثيت ۾ پ پ جي وڏيرن خلاف بلدياتي اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي، هاڻ پوليس وڏيرن جي ونگار وهندي گذريل رات ڳوٺ ليمون ڪلوئي ۾ اسان جي پينل جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار رزاق ڪلوئي جي گهر تي بلاجواز پوليس چڙهائي ڪئي، اسان جي اميدوارن، ووٽرن ۽ حامين خلاف انتقامي ڪارروايون ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، اسان پوليس ۽ ڪاررواين کان ڊڄڻ وارا ناهيون. اسان ثابت قدم رهي پ پ سان مقابلو ڪنداسين. هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button