ڪلوئي: ڪلوئي ۾ پ پ جو جهنڊو لاهڻ جو تحريڪ انصاف جي سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪلوئي پوليس محمد سومار نهڙيو جي فرياد تي پي ٽي آئي اڳواڻ محمد هاشم هالو، بلاول هالو، خدابخش هالو، محمد لوهار ۽ بلاول چوهاڻ تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهو به نامزد ڪيا ويا آهن، جن تي پ پ جو جهنڊو لاهڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻن ڏينهن کان ٿرپارڪر پوليیس جا وڏا اٽالا ڪلوئي پهتل آهن، جيڪي مختلف وقتن تي پي ٽي آئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ لا سندن گهرن تي ڇاپا هڻي رهيا آهن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پي ٽي آئي اڳواڻ ارباب انور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿرپارڪر پوليس ونگار وهي رهي آهي، پوليس پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي ورڪ ڪري رهي آهي. پ پ بوکلاٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، هاڻي اسان جي ووٽرن کي هروڀرو ڪوڙا ڪيس داخل ڪري تنگ ڪري رهي آهي، پر اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون. هن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ٿرپارڪر ۾ پوليس گردي جو نوٽيس وٺي شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي. هوڏانهن ڪلوئي جون ڪيتريون پولنگ اسٽيشن حساس قرار ڏنل آهن، جن جو رينجرز اهلڪارن دورو ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close