پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين جو ڌرڻو

مٺي: مٺي بائي پاس جي مختلف ڪالونين ۾ 3 مھينن کان مٺو پاڻي نه آيو، جنهن خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مٺي بائي پاس جي مختلف ڪالونين ڪنڊي اسٽاپ، موٽاٽيو ڪالوني، عاقلي پاڙي، ٽاڀا ڪالوني، شام داس ڪالوني ۽ چڀڙيال ڪالوني جي رهواسين پيئڻ جو پاڻي 3 مهينن کان بند هجڻ خلاف ڪنڊي اسٽاپ بائي پاس تي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري مين ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ٿرڪول، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏانهن ويندڙ گاڏين بيهي رهيون. رهواسين موهن ميگهواڙ، دودو ميگهواڙ، ڪشور هميراڻي، نريندر ڀيرو لال ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته مٺي جي بائي پاس جي مختلف ڪالونين ۾ ٽي مهينن کان پاڻي ناهي مليو، جنهن ڪري رهواسي اڃ وگهي تڙپي رهيا آھن ۽ زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي، هر مهيني پاڻي لاءِ احتجاج ڪرڻو پئي ٿو، تڏهن انتظاميا پاڻي ڏي ٿي. هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ملي ڀگت سان پاڻي ٽينڪر مافيا کي في ٽينڪر پنج هزار وڪرو ڪري ڏنو وڃي ٿو. هوڏانهن مٺي ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين پ پ اڳواڻ منوج ملاڻي پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ 12 ڪلاڪن اندر پاڻي سپلائي شروع ڪرائڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪرايو. ان موقعي تي ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي چيو ته اڄ 8 بجي پاڻي هلايو ويندو، پاڻي نه مليو ته توهان سان گڏ احتجاج ۾ شريڪ ٿيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button