ميهڙ: ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ اڳواڻ رستم سرگاڻي جي چور ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ايڊووڪيٽ منصور احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ شبير احمد کوسو، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ عابد علي ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ منصور رفيق جتوئي، صحبت علي چانڊيو، ڊرائيور ايسوسيئيشن اڳواڻ استاد نثار چانديو، استاد اختيار علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ راڌڻ اسٽاپ کان احتجاجي مظاهرو ڪري شھر جو گشت ڪيو ويو، جنهن بعد گهنٽا گهر چوڪ تي نٽهڻ اُس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پوليس انتظاميا جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب بدامني عروج جي چڙھي وئي آهي، تعلقي ۾ چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن، جڏھن ته عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رستم علي سرگاڻي جي گهر ٻاهران چوري ٿيل ڪار کي ٻه هفتا گذري وڃڻ باوجود ميهڙ پوليس اڃا تائين هٿ ناهي ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو آھي. ھنن لاڳاپيل انتظاميا کي چتا ڏنو ته ميهڙ شھر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس ورتو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close