پاڪستانسنڌ

چوري ٿيل ڪار هٿ ڪرڻ ۾ پوليس اڃا تائين ناڪام وئي آهي: ٽنڊومحمدخان جي رهواسڻ

ٽنڊومحمدخان: ٽنڊومحمدخان شهر جي ٽالپر ڪالوني جي رهواسي پيرسن بيواھه عورت جميلا زال مرحوم سليمان ملاح ٽنڊومحمدخان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران الزام لڳايو آهي ته پوليس سندس پٽ فدا ملاح جي دڪان جي اڳيان چوري ٿي ويل ڪار 4 مهينا گذري وڃڻ باوجود هٿ ڪري نه سگهي آهي، جنهن ۾ ڀنگ وٺڻ لاءِ آيل شهر جي رهواسي ساجد ڀٽي کي پوليس اسان جي ڪيل نشاندهي تي گرفتار ڪري چوري ٿيل ڪار جو ڪو به ڏس پتو لڳائي نه سگهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوجوان پٽ فدا ملاح جي 4 مهينا اڳ چوري ٿيل ڪار کي هٿ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button