پاڪستانسنڌ

سيراڻي ۾ پاڻي کوٽ سبب فصل سڙڻ لڳا، آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا

سيراڻي: بدين ضلعي جي ڏاکڻي پٽي سيراڻي، روپاماڙي، لاکوپير، ٻهڊمي، گڙهو پير فتح شاهه، احمد راڄو، قاضيه واهه سميت علائقي جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي آباد ڪندڙ ميرواهه، قاضيه واهه، نورواهه، گنج بحر، گڙهو مائينر سميت واهن ۾ پاڻي نه پهتو. علائقي ۾ انسانن توڙي چوپايو مال به پاڻي نه هئڻ ڪري اڃ مرڻ لڳو، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ووئنڻن، جنتر ۽ مرچ سميت فصلن کي وقت سر پاڻي نه ملڻ سبب سڙڻ لڳا آهن، بدين ضلعي ۾ سارين جي فصل جي پوکي ٿيندي آھي پر پاڻي نه هئڻ سبب بيٺل ٻيجارو به سڙڻ لڳو آھي.

هتان جي آبادگارن ولي محمد منڌرو، اصغر خاصخيلي، ڀورو خان نوتڪاڻي، منٺار ڀٽي، غلام مرتضى ملاح ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته آبادگارن لکين روپيه قرض کڻي زمينون سارين جي فصل لا ٺهرايون پر پاڻي نه اچڻ سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آھن، هنن گهر ڪئي ته بدين جي پوڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي پهچائي علائقي کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button