اسلام آبادپاڪستان

ڊاڪٽر عافيا صديقي جي خاندان کي آمريڪي ويزا ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي نمائندي عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته ڊاڪٽر عافيا سان رابطو ڪيو پر هن رابطو ڪٽي ڇڏيو ۽ جيل انتظاميا ٻڌايو ته عافيا خاندان سان ڪنهن به قسم جو رابطو نٿي ڪرڻ چاهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار اعجاز اسحاق آمريڪي جيل ۾ قيد پاڪستاني ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي، ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر يو ايس اي راحيل محسن عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊائريڪٽر يو ايس اي راحيل محسن عافيا صديقي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. ان دوران جسٽس اعجاز اسحاق خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڊاڪٽر عافيا صديقي سان رابطو ٿيو آهي؟ جنهن تي درخواست گذاري جي وڪيل انڪار ڪندي چيو ته اڃا تائين ڪو به رابطو ناهي ٿيو. درخواست گذار چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي هن وقت فيڊرل ميڊيڪل سينٽر ٽيڪساس ۾ آهي، جسٽس اعجاز اسحاق پڇاڻو ڪيو ته قونصل جنرل درخواست گذار يا سندس خاندان سان ڪو رابطو ڪيو آهي؟ پرڏيهي وزارت جي نمائندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي سان رابطو ڪيو پر هن رابطو ڪٽي ڇڏيو، جيل انتظاميا ٻڌايو ته عافيا صديقي خاندان سان ڪنهن به قسم جو رابطو نٿي رکڻ چاهي. جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته عافيا صديقي رابطو نٿي ڪرڻ چاهي ته مٿس زبردستي نٿا ڪري سگهون. ان دوران عافيا صديقي جي ڀيڻ فوزيا صديقي عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته منهنجي ڀاءَ کي سدائين چيو ويو ته عافيا لاڏاڻو ڪري وئي آهي.فوزيا صديقي جي بيان تي عدالت سوال ڪيو ته ڇا اوهان پاڻ آمريڪا وڃي کيس ڏسڻ چاهيندئو؟ ان تي فوزيا صديقي چيو ته مان وڃڻ چاهيان ٿي، پر سفارتخاني کي منهنجي حفاظت جو بندوبست ڪرڻو پوندو، ائين نه ٿئي ته اتي وڃان ته مون کي به گرفتار ڪري جيل ۾ وجهي ڇڏين. عدالت پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيا جي خاندان کي آمريڪي ويزا فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي شنوائي 30 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button