پاڪستان

ٽرين لڄالٽ ڪيس، ٽن جوابدارن جي ڊي اين اي ميچ ٿي وئي

لاهور: بهاءُ الدين زڪريا ايڪسپريس عورت سان زيادتي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، پراسيڪيوشن ذريعن موجب پنجاب فارنزڪ ليب مان جوابدارن جي ڊي اين اي رپورٽ ملي چڪي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي تي ٽن جوابدارن جي ڊي اين اي متاثر عورت جي جزن سان ميچ ٿي وئي آهي. پراسيڪيوشن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ 5 جوابدار گرفتار آهن. ياد رهي ته ڪيس ۾ متاثر عورت ٽن جوابدارن جي سڃاڻپ به ڪري چڪي آهي جڏهن ته عدالت متاثر عورت جو بيان پڻ قلمبند ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button