پاڪستانسنڌ

نئون ديرو ۾ 26 پولنگون حساس قرار، وارڊ 7 تي 26 اميدوار ميدان ۾ لٿل

نئون ديرو: ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو سميت 5 يونين ڪائونسلن جي ووٽرن لا 59 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آھن، جن مان 22 انتھائي حساس ۽ 4 پولنگ حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ھوڏانھن انتھائي حساس پولنگن تي رينجرز ۽ پوليس مقرر ڪري سرڪٽ ڪئميرائون لڳايون ويون آهن. ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جي رٽرننگ آفيسر لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر کي ليٽر لکي گهر ڪئي آھي ته نئون ديرو اندر فوج يا رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته 21 مئي تي سياسي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب ھڪ ڄڻو قتل ٿي چڪو آھي، پ پ شھيد ڀٽو جي بيٺل ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جي اميدوارن جن ۾ وارڊ نمبر 01 جي اميدوار سرتاج شيخ، وارڊ 03 تي غلام حيدر ناريجو، وارڊ نمبر 05 تي سليم چنا، وارڊ نمبر 07 ۽ وريام علي چنا لکت ۾ درخواست ڪئي آھي ته اڄ ٿيندڙ اليڪشن واري ڏينھن فوج کي مقرر ڪيو وڃي. ميونسپل ڪاميٽي جي 7 وارڊ تي 26 اميدوارن ۾ اڄ دنگل ٿيندو، جنهن ۾ پ پ، پي ٽي آ، جي يو آ، پ پ شھيد ڀٽو، قومي عوامي تحريڪ ۽ آزاد اميدوار شامل آهن. وارڊ ۾ ٽوٽل ووٽرن جو تعداد 27505 آھي، جن ۾ مرد ووٽرن جو تعداد 14575 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 12930 آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button