پاڪستانسنڌ

حيدرآباد جي جي او آر ڪالوني ۾ ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي جي او آر ڪالوني ۾ ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو. اطلاع تي جي او آر پوليس پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 70 ورهين جي محمد جمن پٽ عبدالڪريم جنجي طور ٿي آهي.

پيرسن جو تعلق بابن شاهه واري علائقي سان آهي جنهن کي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ريل گاڏي پٽڙي ڪراس ڪندي ٽڪر هنيو، جنهن دوران هو ڪٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. جي او آر پوليس ضروري ڪارروائي بعد پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪيو جيڪي پنهنجي گهر کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button