پاڪستانسنڌ

تلھار ۾ واٽرسپلا جون لائينون تعمير نه ٿيون، وڏا کڏا کوٽي عملو گم

تلھار: پبلڪ ھيلٿ کاتي بدين جي نااھلي ۽ مبينا ڪرپشن جي ور چڙھيل تلھار ۾ واٽرسپلا جون لائينون نئين سر تعمير نه ٿي سگھيون، شھري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، ڊي سي بدين به نوٽس نه ورتو، پبلڪ ھيلٿ کاتي بدين پاران تلھار جي وارڊ 5/6 ۾ ھيوي مشين ذريعي 5 کان 6 فوٽ جا وڏا کڏا کوٽي 15 ڏينھن کان لاپتا ٿي ويا آهن، جنھن جي ڪري ھتان جي رھواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون آهن، جڏھن ته رھواسين جي شڪايتن تي ائڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي تلھار انيل ڪمار پڻ وارڊ 5/6 ۾ پھچي جائزو ورتو.

جتي ائڊمنسٽريٽر انيل ڪمار آڏو رھواسين پبلڪ ھيلٿ کاتي بدين جي عملدارن خلاف شڪايتن جا ڪتاب کولي ڇڏيا، ان سلسلي ۾ مولانا عبدالقدوس جان خليلي، مولانا غلام نبي، زاھد کوسو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڪافي وقت کان وٺي پبلڪ ھيلٿ کاتو بدين غيرفعال بڻجي ويو آھي، جنھن سبب ھتان جا شھري وڏي عذاب ۾ زندگيون گذارڻ تي مجبور بڻجي ويا آھن. ھنن ڊي سي بدين کان فوري نوٽيس وٺي کڏا بند ڪرائي ڏيڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي جو مطالبو پڻ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button