سنڌ

سنڌ ۾ عوام تحريڪ انصاف کي رد ڪري ڇڏيو:اسماعيل راهو

سنڌ سرڪار مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آئي اميدوارن کي حراسان ڪرڻ واري عمران خان جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جي ماحوليات واري وزير اسماعيل راھو چيو آھي ته سنڌ سرڪار مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آئي اميدوارن کي حراسان ڪرڻ واري عمران خان جي الزامن کي رد ڪري ٿي، سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جو حشر خراب ٿيڻ وارو آهي، پي ٽي آءِ کي چئني ڊويزنن ۾ ڪو به اميدوار ئي ناھي مليو، عمران خان جا الزام ڪوڙا آهن، پي ٽي آءِ کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. يونيورسٽيز واري وزير اسماعيل راهو سومر ڏينھن پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي چار سال سنڌ جي هارين جو پاڻي بند ڪيو،ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسان ناڪام بڻايو،اهو اعزاز سنڌ کي حاصل آهي ته هن جمهوريت ۽ عوام خلاف سازشون ڪندڙ سياسي قوتن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو آهي. ھن چيو ته عمران خان وٽ اميدوار ئي ناهن ته پوءِ سنڌ جي عوام کي پي ٽي آئي جي ڪھڙن اميدوارن جي لا ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪري رھيو آھي، سنڌ جو عوام شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي جي تير تي ٺپو ھڻندو، سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين کي شڪست کي شڪست نظر اچي رھي آھي، بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ايترا اميدوار ئي نه بيهاريا آهن، جيترا پيپلز پارٽي جا بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button