سنڌ

شهدادڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي ميدان ماري ورتو، 2 آزاد اميدوار به ڪامياب

شهدادڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 14 وارڊن مان ٽن وارڊن تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي شڪست نصيب ٿي. پيپلزپارٽي سٽي جي جنرل سيڪريٽري کي آزاد اميدوار شڪست ڏيئي ڇڏي. جڏهن ته 11 وارڊن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي. غير حتمي نتيجن موجب وارڊ پھرين تي پيپلزپارٽي اميدوار صدام لاشاري ڪامياب ٿيو، وارڊ 3 تي پ پ اميدوار طارق بروھي ڪاميابي ماڻي، وارڊ 4 تي پ پ اميدوار فھد خان لانگاهه ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته وارڊ 5 ۾ سيلرا پولنگ تي جهيڙي سبب نتيجو روڪيو ويو آهي، جڏهن ته وارڊ 7 تي پ پ اميدوار بابو ڪرم بروھي ڪامياب ٿيو، وارڊ 8 ۾ پ پ اميدوار غلام عباس سومرو ڪاميابي ماڻي ورتي، وارڊ 9 ۾ پ پ اميدوار غلام عباس عرف نديم سومرو ڪامياب ٿيو، وارڊ 10 ۾ پ پ اميدوار باران خان بروھي ڪامياب ٿيو، وارڊ 12 ۾ پ پ اميدوار مقبول سيال اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو آهي. جڏهن ته وارڊ 13 تي پ پ اميدوار يار محمد سومرو ڪامياب ٿيو ۽ وارڊ 14 تي پ پ اميدوار پرڪاش ھرياڻي ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏهن ته ٽن وارڊن ۾ پيپلزپارٽي کي شڪست ملي. جنهن ۾ وارڊ 2 ۾ پي ٽي آئي اميدوار ممتاز مستوئي پ پ اميدوار اسد مگسي کي شڪست ڏيئي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته وارڊ ڇھين ۾ آزاد اميدوار ڪرم مگسي پيپلزپارٽي سٽي جي جنرل سيڪريٽري قربان سومرو کي شڪست ڏيئي ڪاميابي ماڻي. وارڊ 11 تي آزاد اميدوار ياسين عرف تکو گجر پ پ اميدوار آصف بروھي کي شڪست ڏيئي ڪاميابي ماڻي ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button