سنڌ

وفاقي وزير خورشيد شاهه ڪرونا وائرس ۾ مبتلا،گهر ۾ آئسوليٽ

پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ڪرونا جو شڪار ٿي ويو. خورشيد شاهه ٻڌايو ته بخار ۽ کنگهه ٿيڻ تي اڄ صبح ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرائي، جيڪا هاڪاري آئي. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي هدايت موجب پاڻ کي آئسيوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪرونا جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي رهي آهيع جڏهن ته ڪراچي ۾ ان جي پکيڙ جي رفتار سڀ کان وڌيڪ آهي. صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دروان سڄي سنڌ ۾ ڪورونا جي سڀ کان وڌيڪ شرح ڪراچي ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جتي شرح 22 ڏهائي 65 سيڪڙو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button