سنڌ

لياري ۾ گئس لائن ۾ ڌماڪي کان پوءِ باهه، 19 ماڻهو سڙي زخمي

لياري جي علائقي گلستان ڪالوني صابري مسجد ويجهو سوئي گئس لائن ۾ زوردار ڌماڪي کان پوءِ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد جي موذن سميت 19 ماڻهو سڙي زخمي ٿي پيا. چاڪيواڙه جي علائقي لياري مرزا آدم خان روڊ گلستان ڪالوني جي گهٽي نمبر 5 صابري مسجد ويجهو گئس پائپ لائين ۾ ڌماڪي کان پوءِ باهه لڳي، باهه جي اطلاع تي ايمبولنس، پوليس، ۽ فائر برگيڊ جي هڪ گاڏي پهچي وئي ۽ سڙي زخمين کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ پهچايو. ڪراچي پوليس ترجمان مطابق زخمين جي سڃاڻپ 20 ورهين جي اڪرم الله پٽ عمر شيرين، 50 ورهين جي قاري اختر پٽ منظور احمد، 42 ورهين جي محمد يونس پٽ محمد يعقوب، 35 سالن جو آصف پٽ محمد يونس، 47 ورهين جي وزيرزادو پٽ فقير، 17 ورهين جي عمرشاهه پٽ محمد عالم، 55 سالن جي محمد اسرار پٽ محمد نواز، 22 سالن جي عدنان پٽ عمرزادو ۽ 42 سالن جي مفتي ناصر پٽ حاجي خوشحال جي نالي سان ڪئي وئي. طبي ذريعن مطابق زخمي ٿيل موذن قادري اختر 43 سيڪڙو سڙي چڪو آهي، جنهن سبب ان جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته ٻين زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. فائر برگيڊ جي ترجمان مطابق سوئي گئس جي لائن ۾ لڪيج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن کان پوءِ باهه لڳي فائر برگيڊ جي عملي هڪ ڪلاڪ جي جدجهد کان پوءِ باهه اجهائي ورتي. اکين ڏٺل شاهد مطابق باهه رات 12 وڳي لڳي هئي، جنهن کان پوءِ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته فائر برگيڊ جي گاڏي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ پهتي، سوئي سدرن جو عملو دير سان پهتو، باهه جي شدت کي ڏسندي مسجدن جي ڀرپاسي وارا سمورا گهر خالي ڪرايا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button