سنڌ

دعا زهره جي عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو

دعا زهره جي عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي، جڏهن ته مهدي ڪاظمي جاچ آفيسر مٽائڻ لاءِ عدالت سان به رابطو ڪري ورتو آهي. مهدي ڪاظمي ڌيءَ دعا زهره جي عمر جي تعين لاءِ صحت کاتي کي خط لکيو هو، جنهن تي ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي، ميڊيڪل بورڊ ۾ سيڪريٽري ايم ايس سروس اسپتال ۽ پوليس سرجن سميت آغا خان اسپتال ۽ سول اسپتال جا ماهر به شامل آهن، صحت واري سيڪريٽري جڊيشل مئجسٽريٽ کي ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، بورڊ جي سربراهي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي پرنسپل پروفيسر صبا سهيل ڪندي، جڏهن ته بورڊ جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر سڪندر رفيق، ڊاڪٽر راڻي، پروفيسر نازلي حسين، ڊاڪٽر رملا ناز، پروفيسر شاجهان ۽ پوليس سرجن به شامل آهن. ايم ايس سروسز اسپتال عدالت کي دعا زهره کي چيڪ اپ لاءِ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي ته عدالت دعا زهره کي 29 جون تي منجهند ساڍي 12 وڳي پيش ڪرڻ جا حڪم ڏي، ٻئي پاسي دعا زهره جي والد جاچ آفيسر تبديل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪري ورتو آهي، دعا زهره جي والد پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته موجوده جاچ افيسر جو رويو ڌر وارو نظر اچي ٿو، ڪيس جي مدعي ۽ گهرڀاتين کي جاچ آفيسر تي اعتماد نه آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته کين شڪ آهي ته جاچ آفيسر دعا زهره کي عمر جي تعين لاءِ پيش ئي نه ڪري، عدالت جاچ آفيسر کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪنهن ٻئي لائق آفيسر کي مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button