اسلام آبادپاڪستان

معيشت ٺيڪ ڪرڻ لا زرداري ۽ شريف جو ٻاهر پيل پيسو ملڪ آڻڻو پوندو:عمران

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو آهي ته مون کي لڳي رهيو آهي ته پنجاب ۾ هاڻي حمزا شهباز جي حڪومت نه رهندي. عدالت مخصوص سيٽن تي کيس وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنجاب جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جون ڪوششون جاري آهن، هتي سياستدانن کي ٻڪرين جيان خريد ڪيو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان کي روس کان تيل وٺڻو هو پر هنن سازش ڪئي، هاڻي حڪومت کي ٻڌائڻو پوندو ته سازش ڪري بحران ڇو پيدا ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪرونا باوجود پاڪستان سڀ کان سستو ملڪ هو، اسان تي دٻاءُ هو پر اسان قيمتون نه وڌايون. عمران خان ملڪ کي پيش معاشي مسئلن مان نڪرڻ جو حل ٻڌائيندي چيو ته ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي اهو هي آهي ته زرداري ۽ شريف ڪٽنب ٻاهر پيل پنهنجو اڌ پيسو ملڪ واپس آڻين. ٻئي طرف عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ عوام تي مهانگائي جي اثرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ 2 جولاءِ تي جلسي ۽ حڪومتي اتحادين جي قومي اسيمبلي ۾ تقريرن جي متن جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ آهي ته 2 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ عوام سان گڏجي ملڪ ۽ عوام خلاف سازش تي تاريخي احتجاج ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ ئي رستو صاف چونڊون آهن. سندس چوڻ هو ته چورن کي رليف ڏيڻ لاءِ عوام کي بدترين مهانگائي جي اذيت ۾ مبتلا رکيو ويو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته امپورٽڊ ڪٺ پتلين 9 هفتن ۾ مهانگائي جي صورت ۾ عوام کان پنهنجي غلامي جي قيمت اوڳاڙي. هنن چورن جي هٿن ۾ معيشت جو مستقبل اونداهون آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button