اسلام آبادپاڪستان

عمران جو هڪ ٻيو توشا خانا اسڪينڊل،ڪروڙن جون وڌيڪ 3 گهڙيون وڪڻي ڇڏيون

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو هڪ ٻيو توشا خانا اسڪينڊل سامهون اچي ويو. ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته عمران خان وڌيڪ ٽي گهڙيون وڪرو ڪيون ۽ پنهنجي حڪومت جي ترميمن جو فائدو کڻي گهڙين جي قيمت جو ڪاٿو اصل کان گهٽ لڳرايو ۽ ان گهٽ قيمت جو 20 سيڪڙو قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايو. رپورٽن موجب عمران خان توشا خانا مان اهي گهڙيون پنهنجي کيسي مان خريد نه ڪيون پر گهڙين کي اڳ ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويو، پوءِ گهڙين جي وڪري مان ملندڙ پئسن مان 20 سيڪڙو قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايو ويو. انهن ٽن گهڙين جي ماليت 15 ڪروڙ 40 لک رپيا هئي ۽ اهي گهڙيون وچ اوڀر جي اعليٰ معزز، نار ٻيٽ جي شاهي خاندان جي فرد ۽ ان ئي نار ٻيٽ جي هڪ معزز شخص پاڪستاني وزيراعظم کي تحفي ۾ ڏني هئي. تفصيلن موجب عمران خان توشا خانا مان 15 ڪروڙ 40 لک رپين جون 3 قيمتي گهڙيون اسلام آباد جي واچ ڊيلر کي وڪرو ڪيون ۽ 3 ڪروڙ 60 لک رپيا ڪمايا. هڪ خابرو اداري جي رپورٽ موجب سرڪاري انڪوائري جا تفصيل اهو ظاهر ڪن ٿا ته عمران خان انهن ٽن ناياب گهڙين مان ڪروڙين رپيا ڪمايا. دستاويز ۽ وڪري جون رسيدون ظاهر ڪن ٿيون ته تحفي ۾ ڏنل ناياب گهڙيون پنهنجي وسيلن سان خريد ڪرڻ بدران عمران خان اڳ ۾ اهي گهڙيون وڪرو ڪيون ۽ پوءِ هر هڪ جو 20 سيڪڙو سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرايو، ظاهري طور اهي تحفا توشا خانا ۾ ڪڏهن جمع نه ٿيا. وچ اوڀر جي اعليٰ معزز طرفان تحفي ۾ ڏنل پهرين گهڙي جي سرڪاري طور تي قيمت 10 ڪروڙ 10 لک رپيا ٻڌائي وئي. اڳوڻي وزيراعظم ان کي تقريبن اڌ قيمت 5 ڪروڙ 10 لک رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ قيمت جي 20 سيڪڙو جي طور تي 2 ڪروڙ رپيا سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرايا. اهڙي ريت رڳو هڪ گهڙي جي وڪري سان مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 10 لک رپيا ڪمايا، اها گهڙي 22 جنوري 2019 ۾ وڪرو ٿي. جڏهن ته نار ٻيٽ جي شاهي خاندان جي فرد طرفان تحفي ۾ ڏنل هڪ ٻي قيمتي گهڙي عمران خان 52 لک رپين ۾ وڪرو ڪئي، توشا خانا جي قاعدن موجب ان مهانگي تحفي جو ڪاٿو سرڪاري جائزي ڪارن 38 لک رپيا لڳايو، عمران خان 7 لک 54 هزار رپيا سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرايا، اهڙي ريت ان گهڙي کي کپائي هن تقريبن 45 لک رپين جو منافعو ڪمايو، اها گهڙي کيس تحفي ۾ ملڻ جي ٻن مهينن کانپوءِ نومبر 2018 ۾ وڪرو ڪئي وئي. ان ئي نار ٻيٽ جي هڪ معزز شخص طرفان تحفي ۾ ڏنل قيمتي گهڙي اڳوڻي وزيراعظم 18 لک رپين ۾ وڪرو ڪئي، ان گهڙي جي سرڪاري قيمت 15 لک رپيا ٻڌائي وئي، اڳوڻي وزيراعظم 2 لک 94 هزار رپيا ادا ڪيا، ان سان وڌيڪ 15 لک رپين جو فائدو ٿيو. رڪارڊ ۾ انهن لگزري گهڙين جي تصويرن سان گڏ وڪري جون رسيدون به موجود آهن. خابرو اداري موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن فواد چوڌري ۽ شهباز گل کان موقف ڄاڻڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر ڪنهن جواب نه ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button