پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ بجلي لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي خلاف ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جو مظاهرو

حيدرآباد: سول سوسائٽي ٽرانسجينڊر ڪميونٽي حيدرآباد پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي، پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون نازش فاطمه، شهزادي ڀرڳڙي، ساجن پنهور، نازيه ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي هنن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهر ڪري وئي آهي، پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. پيٽرول جي قيمتن ۾ هر روز اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام وئي آهي، هنن ماڻهن کي رلائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري فصل نه ٿا ٿي سگهن، پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن کي لغام ڏيڻ وارو ڪوبه نه آهي. هنن چيو ته هن حڪومت عوام جو رت سڪائي ڇڏيو آهي، مهانگائي سبب ماڻهن جي گهرن جا چلها وسامجي ويا آهن، پاڻي انسانن لاءِ ته نه آهي پر جانور به اڃ مري رهيا آهن. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته حيدرآباد شهر جا مسئلا حل ڪري ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button