پاڪستانسنڌ

ڀٽائي جي نذراني جي پيتين مان 14 لک 91 ھزار 720 روپيا نڪتا

ڀٽ شاھه: درگاھه حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي رکيل نذراني جون پيتيون کوليون ويون آھن، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف جي نگراني ۾ کليل پيتين مان 14 لک 91 ھزار 720 روپيا نظرانو ڪڍيو ويو آھي، اوقاف کاتي جي صوبائي صلاحڪار سيد احمد رضا شاھه جيلاني جي ھدايتن تي ڀٽائي جي مزار تي رکيل پيتيون کوليون ويون، چيف ايڊمنسٽريٽر عبدالغني مھر ۽ صوبائي صلاحڪار جي جوڙيل ٽيم ميمبرن جي نگراني ۾ پيتيون کولڻ بعد صبح کان شام تائٔين نذراني جي ڳڻپ ڪئي وئٔي.

اوقاف عملدارن جو چوڻ آھي ته تقريبن ٽن مھينن بعد کليل نذراني جي پيتين ۽ ڪٽھڙي مان سون يا چاندي نه نڪتو آھي، 92 ڏينھن ۾ فقط ڪيش رقم نذرانو نڪتو آھي. پيتيون صوبائٔي صلاحڪار طرفان مقرر ڪيل ڪميٽي ميمبرن ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف جي نگراني ۾ کولي نذرانو ڪڍيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button